سلطان بخاري

سلطان بخاري

سلطان بخاري

سلطان بخاري: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (اسلامي ڪلچر) تائين تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي. لکڻ جو آغاز 1987ع کان ڪيائين. ان دور کان ئي علائقي جي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته ٿي ويو. هي فيض درياهه اڪيدمي جو خزانچي، شهنشاهه سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهڻ سان گڏ، نثار بزمي ادبي سنگت ڊکڻ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ ۽ لونگاڻي شريف جو عهديدار پڻ رهي چڪو آهي. هو شاعري سان گڏ ڪهاڻيون پڻ لکندو رهي ٿو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. هن شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي پڻ ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ سندس شاعري جو مجموعو ’ڌرتي جا تارا‘ (ٻاراڻي شاعري) ڇپجي چڪو آهي. کيس ٻارن لاءِ شعر لکڻ سبب ادبي دنيا ۾ گهڻي مقبوليت ملي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.12  عيسوي

شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين فقير ديدڙ
درد علي محمد سولنگي
ساحر لڌيانوي
عبدالخالق مولوي
رکيل مورائي
فاضل خان ٺٽوي
افضل سولنگي
بردو سنڌي
اياز شيخ مبارڪ علي
صفي الله فدا علوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون